چيمبر آف ڪامرس

چيمبر آف ڪامرس: واپار واپارين جي بهبود ۽ ترقيءَ جو ادارو چيمبرس آف ڪامرس سڏجي ٿو. هن کي بورڊ آف ٽريڊ به سڏين ٿا. مقامي واپاري گڏجي، ڳوٺن (ٽائون) ۽ شعرن (Cities) ۾ هن واپاري تنظيم لاءِ پنهنجا نمائندا چونڊي، کين هڪ پاليسي ڏئي ويهاريندا آهن ته جيئن ملڪي توڙي غير ملڪي سطح تي سندن واپاري حقن جي رک ٿي سگهي. هي تنظيم ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان سڄيءَ دنيا ۾ موجود آهي ۽ هڪٻئي سان باهمي رابطي سبب ڳنڍيل آهي. دنيا جي پراڻي ۾ چيمبر آف ڪامرس 1599ع ۾ مارسيل فرانس ۾ قائم ٿي. ان کانپوءِ 1768ع ۾ نيويارڪ سٽي (آمريڪا) ۾ ٻين وڏي ۾ وڏي ۽ پهرين انگريزي ڳالهائيندڙن جي چيمبر آف ڪامرس جوڙي وئي. برطانيه جي مانچسٽر شهر ۾ چيمبر 1783ع ۾ قائم ٿي، جنهن جا 5000 هزارن کان وڌيڪ ميمبر آهن. هن اداري جي مڪاني ميمبرشپ ڪجهه درجن ماڻهن کان ٽن لکن ماڻهن تائين ٿي سگهي ٿي، جيئن هن وقت پئرس چيمبر آف ڪامرس آهي، پر پوءِ به مقامي ميمبر چند درجن ئي هوندا آهن. ڪن چيمبرس کي گڏيل طور رياستون، قومي ۽ بين الاقوامي ادارا به هلائيندا آهن، جيئن يورو چيمبرس (Euro Chambers) يا انٽرنيشنل چيمبر آف ڪامرس (ICC) آهن. پاڪستان ۾ هن قسم جو ادارو فيڊرينس آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس سڏجي ٿو، جنهن جي هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ آهي. جڏهن ته چيمبر آف ڪامرس، ڪراچيءَ وڏي ۾ وڏي (ميمبرشپ طور) چيمبر ڳڻي سگهجي ٿي. هي واپاري ادارو 1959ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. هن اداري جو ڪم آهي ته هو ملڪ واپار ۽ صنعتن جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪري ۽ ملڪي مصنوعات ۽ پيداوارن کي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ کپائڻ جا بندوبست ڪري. حيدرآباد، سنڌ ۾ چيمبر آف ڪامرس جو ادارو قائم آهي. (ڏسو: ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۽ حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس).


لفظ چيمبر آف ڪامرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو